اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ ۽ مالي استحڪام يقيني بنا??ڻ لاءِ اقتصادي رٿائن ۽ سڌارن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ معاشي اهڃاڻ هاڪاري آهن. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ هالينڊ جي سفير هيني ڊي ويريز سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي امڪانن ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي طريقن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ پاڪستان هالينڊ وچ ۾ پُراڻي دوستي ۽ گڏيل سهڪار جي مختلف رُخن جو به جائزو ورتو ويو. ڌُرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار لاءِ کاڻين، آءِ ٽي، تيل ۽ گيس، زراعت، ڊيري فارمنگ ۽ زرعي پيداوار جهڙن ترجيحي شعبن جي نشاندهي ڪئي ته جيئن انهن شعبن ۾ وڌيڪ ڪاروباري سهڪار کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي. ناڻي واري وزير هالينڊ جي سفير کي حڪومت جي اقتصادي رٿائن ۽ سڌارن جي ايجنڊا بابت آگاهه ڪندي چيو ته اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ ۽ مالي استحڪام کي يقيني بنا??ڻ لاءِ اهم شعبن ۾ سڌارن جو عمل جاري آهي. هن گذريل 14 مهينن ۾ حاصل ڪيل اقتصادي ڪاميابين جو ذڪر ??يو ۽ معيشت کي جٽادار، روانگي واپار تي ٻَڌل اؤسر جي رستي تي گامزن رکڻ جي حڪومت عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناڻي واري وزير پاڪستان کي درپيش موسمياتي چئلينجن جو به ذڪر ??يو ۽ سندس ملڪ طرفان موسمياتي فنڊنگ ۽ جٽادار حل ذريعي ماحولياتي مناسبت کي يقيني بنا??ڻ لاءِ کنيل قدمن تي روشني وڌي. هالينڊ جي سفير پاڪستان ۽ هالينڊ وچ ۾ ٻه طرفن ناتن کي مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ??يو ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي. هن ٻُڌايو ته ڊچ ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سال جي شروعات ۾ پاڪست??ن جو دؤرو ڪرڻ واري آهي، جيڪا پاڪست??ن جي ڪرڪيٽ جي مهارت مان سکڻ جي ڪوشش ڪندي. هن ناڻي واري وزير کي پاڪست??ن جي يورپي يونين سان واپار ۽ ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ لاءِ هالينڊ جي حمايت جو يقين ڏياريو.