اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف 26 هين آئيني ترميم جي منظوري کي قومي يڪجهتي ۽ اتفاق راءِ جو انتهائي شاندار مثال قرار ڏيندي چ??و آهي ته 26هين آئيني ترميم سان محلاتي سازشن جو عهد ختم ٿي?? آهي ۽ ميثاق جمهوريت جو اڌورو خواب پورو ٿي ويو، آئيني ترميم جي ذريعي جمهوريت جي مٿان خطرا ختم ٿي ويا آهن، پارليامينٽ جي اندر اڳواڻن ذاتي مفاد کان مٿانهون ٿي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ عظيم ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، آئيني ترميم پارليامينٽ جي بالادستي جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿي??دي، ملڪ جو مستقبل مضبوط ۽ محفوظ هوندو، ترميم سان لکين ماڻهن کي انصاف حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿي??دي. قومي اسيمبلي مان 26هين آئيني ترميم جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظوري کانپوءِ ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙ پارٽين جي سربراهن جي سيٽن تي وڃي سندن ٿورا مڃڻ کانپوءِ ايوان ۾ ڳالهائيندي وز??راعظم چيو ته اڄ هڪ تاريخي ڏينهن آهي ۽ قومي يڪجهتي ۽ اتفاق راءِ جو اعليٰ مثال آهي. اڄ هڪ نئون سج اڀرندو ۽ نئين صبح ٿي آهي. ماضي ۾ محلاتي سازشن جي ذريعي چونڊيل وز??راعظمن کي گهر موڪلڻ جو رستو سدائين جي لاءِ بند ٿي و??و آهي. ان آئيني ترميم سان انصاف حاصل ڪرڻ آسان ۽ عام ماڻهو کي انصاف جي فراهمي ۾ دير نه ٿي??دي. وز??راعظم چيو ته اڄ 2006ع ۾ بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي وچ ۾ ٿي??دڙ ميثاق جمهوريت جو اڌورو خواب تڪميل تي پهتو آهي، اڄ ڪنهن منحرف ميمبر ان ترميم جي حق ۾ ووٽ ناهي وڌو، اسان تي طرح طرح جا الزام هنيا ويا، اڄ طئي ٿي ويو ته پارليامينٽ بالادست آهي. هن چيو ته ماضي ۾ پاناما جي نالي تي اقامي جي بنياد تي هڪ وز??راعظم کي نااهل قرار ڏنو ويو. هن صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وز??راعظم ن??از شريف، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان، خالد مقبول صدي??ي، چوڌري سالڪ حسين، عبدالمالڪ بلوچ، اعجاز الحق، خالد مگسي، عبدالعليم خان سميت آئيني ترميم جي حمايت ڪندڙ سمورن اڳواڻن جا ٿورا مڃيندي چيو ته اهڙي ترميم سان ملڪ جو مستقبل محفوظ ٿي??دو. هن بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت ۽ ميان نواز شريف کي خراج تحسين پيش ڪيو جن ان جو بنياد رکيو. وز??راعظم چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ان ترميم جي لاءِ بي پناهه محنت ڪئي، مولانا فضل الرحمان پاڪستان جي وسيع تر مفاد ۾ ان تي پنهنجو موقف ڏنو. هن نائب وز??راعظم، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وز??ر کي پڻ مبارڪباد ڏني. وز??راعظم چيو ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف به ان ترميم ۾ شامل ٿئي ها ته سٺو هو. هن اسپيڪر ۽ سندس اسٽاف جا به ٿورا مڃيا. وز??راعظم سمورن قومي اسيمبلي جا ٿورا مڃيندي ان ترميم کي هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو.