اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان 15 کان 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊ آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي 23 هين ??جل??س جي ميزباني ڪندو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪائونسل آف هيڊ آف گورنمينٽ جي هاڻوڪي چيئرمين ??جڻ جي ناطي وزيراعظم محمد شهباز شريف ??جل??س جي صدارت ڪندو. ??جل??س ۾ چين، روس، بيلاروس، قزاخستان، تاجڪستان، ڪرغزستان ۽ ازبڪستان جا وزيراعظم پنهنجي ملڪن جي نمائندگي ڪندا. ايران جو نائب صدر اول، ڀارت جو پرڏيهي وزير پڻ ??جل??س ۾ شريڪ ٿيندا. منگوليا جو وزيراعظم مبصر اسٽيٽ ۽ ترڪمانستان جي ڪابينا جو ڊپٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير ??جل??س ۾ خاص مهمان طور شريڪ ٿيندا. ان ??جل??س دوران وزيراعظم شهباز شريف ملڪي سربراهن ۽ وفدن سان ٻطرفيون اهم ملاقاتون به ڪندو. ??جل??س ۾ ميمبر ملڪن وچ ۾ تازي اقتصادي، واپاري، ماحولياتي، سماجي، ثقافتي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ به ٿيندي. ??جل??س ۾ تنظيم جي ڪارڪردگي تي به غور ڪيو ويندو. ايس سي او ميمبر ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي حوالي سان اهم فيصلا به ڪيا ويندا جڏ??ن ته تنظيم جي بجيٽ جي منظوري به ڏني ويندي.