اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ب??رگ واپاري اڳواڻ افتخار علي ملڪ کي سندس50 سالا جي اڻٿڪ خدمتن تي ايف پي سي سي آءِ ليجنڊ آف بزنس ڪميونٽي ايوارڊ عطا ڪيو آهي. اهو اعزاز سڄي خطي ۾ واپار ۽ صنعت کي فروغ ڏيڻ ۾ ان جي مثالي خدمتن جي اعتراف ۾ ڏنو ويو آهي. س??دس ايوارڊ س??دس وڏي پٽ سينيئر ايگزيڪيوٽو گارڊ گروپ تيمور علي ملڪ ايوان صدر ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ وصول ڪيو. ڪاروباري ۽ واپاري ڌرين پاران افتخار ملڪ کي اعليٰ ايوارڊ ملڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته افتخار علي ملڪ پنهنجي اڻٿڪ محنت جي لاءِ مشهور آهي ۽ ڪاروباري دنيا ۾ نمايان مقام ر??ي ٿو. افتخار علي ملڪ کي واپار ۽ بزنس جي شعبي لاءِ س??دس ڪوششن ۽ بي پناهه خدمتن جي ڪري قومي ۽ عالمي سطح تي عزت ۽ احترام سان ڏٺو وڃي ٿو. پاڪستان ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ واپاري منظرنامي جي جوڙجڪ ۾ س??دس ڪردار به اهم رهيو آهي. جنهن جي ڪري کيس ممتاز ايوارڊ جو حقدار سمجهيو ويو آهي. افتخار علي ملڪ سارڪ چيمبرز آف ڪامرس، ايف پي سي سي آءِ ۽ لاهور چيمبر جي صدر ۽ سارڪ چيمبر پاڪستان چيپٽر جو مسلسل 11 سالن تائين بنا مقابل?? نائب صدر رهيو ۽ ملڪ ۾ واپارين ۽ چيمبرز جي اتحاد، يونائيٽيڊ بزنس گروپ جو چيئرمين به رهيو، س??دس گروپ مشهور بختاور ميموريل ٽرسٽ جون ٻه اسپتالون پڻ هلائي رهيو آهي، جيڪي مستحق مريضن کي مفت طبي سهولتون فر??هم ڪري ٿو.