اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي کي هدايت ڪئي آهي ته اها فوتي ملازم جي پٽ جي مقرري هڪ مهيني جي ??ندر قانون موجب ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب فهيم احمد (شڪايت ڪندڙ) پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ??لاف ”فوتي ملازم“ ڪوٽا تي مقرري نه ڪرڻ جي ??ڪايت ڪئي ??ئي. درخواستگذار موجب سندس والد پي سي اي اي جو ملازم هو ۽ سندس لاڏاڻو سروس دوران 1999ع ۾ ڪينسر سبب ٿيو. جيئن ته هو ان وقت نابالغ هو، ان لاءِ هو ”فوتي ملازم“ ڪوٽا تي مقرري جي لاءِ اهل نه هو. جڏهن عمر پوري ٿيڻ تي نوڪري جي لاءِ درخواست ڏني ته بنا ڪنهن جواز جي ??ندس درخواست کي رد ڪيو ويو. درخواستگذار پنهنجي ??ڪايت جي ??زالي جي لاءِ پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي سان رجوع ڪيو پر اتي به دادرسيءَ نه ٿي سگهي. جنهن کانپوءِ پريشاني ۾ پنهنجي ??ڪايت جي ??ل لاءِ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو. محتسب فيصلو ڪيو ??ه شڪايت ڪندڙ پي سي اي اي جي ??لاف بدانتظامي جو ڪو ڪيس ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيو ??هي ڇو ته ان جي ??رخواست جي وقت فيملي اسسٽنس پئڪيج لاڳو نه هو. ان کانپوءِ شڪايت ڪندڙ صدر وٽ محتسب جي ??ڪم جي ??لاف درخواست داخل ڪئي. پنهنجي فيصلي ۾ صدر چيو ??ه شڪايت ڪندڙ جي والد جو مدو ملازمت دوران 1999ع ۾ ختم ٿي ويو ۽ ان وقت درخواستگذار جي ??مر رڳو 6 سال هئي. 2005ع جي پاليسي تحت عمر پوري ٿيڻ کانپوءِ مقرري جي لاءِ درخواست ڏني هئي، جنهن موجب فوتي ملازم جي پٽ کي اشتهار جي ??سمي ڪارروائي ??ان گذرڻ کانسواءِ انهي اداري ۾ مقرري جي لاءِ غور ڪرڻ گهرجي ها. صدر پي سي اي اي جي ??ن دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو ??ه هن 2005ع ۾ فيملي اسسٽنس پئڪيج جي پاليسي اختيار ڪئي ??ئي ۽ فوري ڪيس ۾ حقيقتن ۽ قانوني پوزيشن جي ڪري ڄاڻايل پئڪيج جون شقون قابل غور نه هيون. صدر نشاندهي ڪئي ته سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ??عويٰ موجوده ڪيس جي ??التن ۾ قانوني طور تي صحيح نه آهي ڇو ته درخواستگذار سرڪاري نوڪري جي لاءِ عمر جي ??د مڪمل ڪرڻ کان اڳ مقرر ٿيڻ جو اهل نه هو. هن چيو ??ه اها پاليسي جي ممڪن لاڳو جو معامل?? آهي نه ڪي پاليسي جي ??ڳوڻي لاڳو جو معامل?? آهي. صدر سول اپيل نمبر 410/2020 تاريخ 02-06-2021 ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلي تي پڻ ڀاڙيو. تنهن ڪري صدر شڪايت ڪندڙ جي ??رخواست منظور ڪندي سول ايوي ايشن اٿارٽي کي هدايت ڪئي ته هو هڪ مهيني جي ??ندر قانون موجب مقرري جي لاءِ ان جي ??رخواست تي ڪارروائي ڪري.