نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ??يف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا چيو آهي ته پاڪستان جي وزيراعظم سان سندس ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان ملاقات کانپوءِ پنه??جي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم سان سندس ڳالهه ٻولهه مثبت، فائديمند ۽ تعميري رهي. هن چيو ته ملاقات ?? پاڪستان جي معيشت جي بحالي، مهانگائي ۾ گهٽتائي، ٽيڪس نظام ۾ شفافيت ۽ روزگار جي نئين موقعن جي فراهمي جي لاء?? آءِ ايم ??يف جي تعاون سان سڌارن جي نئين پروگرامن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ٻنهي اڳواڻن معاشي استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت ۽ آءِ ايم ??يف جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.