اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف سعودي عرب جي 94 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي سعودي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مضبوط ۽ پائيدار دوستي جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا، اسان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين، خ??دم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد ۽ وزيراعظم م??مد بن سلمان جي متحرڪ قيادت ۾ سعودي عرب عالمي رهنما جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، بين المذاهب مڪالمي، افهام تفهيم ۽ مختلف عالمي فورمز جي ذريعي تعاون جي فروغ جون سعودي ڪوششون مث??لي آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا گڏيل احترام، تعاون، گڏيل قدرن ۽ پائيدار دوستي تي ٻڌل قدر رکن ٿا، مسلمان دنيا جي رهنما جي طور تي سعودي عرب انصاف، برابري ۽ امن جي مقصد جي مسلسل حمايت ڪئي آهي. سعودي عرب جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام پاران خ??دم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز، ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده م??مد بن سلمان، سعودي عرب جي ڀائر عوام کي سعودي عرب جي 94 هين قومي ڏينهن جي خوشي جي موقعي تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، اسان شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي دورانديش قيا??ت کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. جنهن مملڪت جي ترقي ۽ خوشح??لي طرف ثابت قدمي سان رهنمائي ڪئي، گڏوگڏ هن خ??دم الحرمين الشريفين جي مقدس ذميوارين کي پڻ چڱي ريت نڀايو. وزيراعظم چيو ته اسان ولي عهد شهزاده م??مد بن سلمان جي صاحب بصيرت قيا??ت کي پڻ تمام گهڻو ساراهيون ٿا، جنهن جي قدمن سعودي عرب کي جديديت ۽ اقتصادي ترقي جي مشعل بردار جي حيثيت تي فائز ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جڏهن اسان پنهنجي سعودي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ هي مبارڪ ڏينهن ملهائي رهيا آهيون ته آئون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ۽ پائيدار دوستي جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو، اسان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سعودي عرب کي خوشحالي، ترقي ۽ ڪاميابي عطا فرمائي.