اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني بلوچستان ۾ کاڻين جي کوٽائي ڪندڙن تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان مو??ب وقتي صدر واقعي ۾ بيگناهه کاڻين جي کوٽائي ڪندڙن جي مارجڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته مزدورن تي بي رح??اڻ?? حملوڪندڙن ظلم ?? ڏاڍ جي انتها ڪري ڇڏي، ان ظال??اڻ?? واقعي ۾ ملوث عنصرن کي سخت کان سخت سزا ملڻ گهرجي. وقتي صدر مارجي ويل کاڻين جي کوٽائي ڪندڙن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪندي مرحومن جي مغفرت ۽ پونئيرن جي لاءِ ??بر ۽ جميل جي دعا ڪئي. وقتي صدر زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ انهن جي جلد صحتيابي لاءِ ??عا ڪئي.