اسلام آباد -21 سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم مح??د شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ۽ عوام، جنگ ۽ تڪرار کان پاڪ پرامن دنيا کي هٿي وٺائڻ لاءِ عالمي برادري سان گڏ آهي، ڳالهين ذريعي خطي م امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺائڻ تي پڪو يقين رکون ٿا. اڄ جي ڏينهن اسان دنيا وچ ۾ ڳالهين ۽ افهام تفهيم کي هٿي وٺائڻ جي اهميت جو اعتراف ڪندي ان طرف عملي طور تي قدم کڻڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيون ٿا. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران امن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ ??زي??اعظم مح??د شهباز شريف چيو ته اڄ جي دنيا تڪرارن سبب ??ره??ڱي جو شڪار ??هي، اسان کي سڄي دنيا وچ ۾ اختلافن کي ختم ڪرڻ ۽ امن جي مقصدن لاءِ گڏيل حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪرڻ جي ضرورت آهي. ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان ڳالهين ذريعي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺائڻ جو پختو يقين رکي ٿو. جڏهن ته اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پراڻن تڪرارن کي حل ڪرڻ ضروري آهي، هن خطي ۾ ڄمون ڪشمير جو تڪرار هڪ پراڻو مسئلو آهي جنهن جي جٽادار ??ل جو بنياد غير جانبدار ??اءِ شماري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن تي عمل ڪرڻ آهي. ??زي??اعظم چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان کي فلسطينين جي حالت کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي رياستي جارحيت جو بهادري سان مقابلو ڪري رهيا آهن. وچ اوڀر ۾ ديرپا امن لاءِ گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ فلسطينين جي خواهشن موجب تڪرار ??و پرامن حل وقت جي اهم ضرورت آهي. ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان دنيا ۾ امن کي هٿي وٺائڻ جي اهميت کي تسليم ڪري ٿو ۽ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ??هي. جنهن جي ذريعي اسان پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ پرامن مستقبل تعمير ڪندي دنيا کي امن جو مرڪز بڻائي سگهون ٿا.