اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) دفاع ۽ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان جمهوريه ??اجڪستان جي سفير شريف زاد?? يوسف توير ۽ اسلامي جمهوريه ??يران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مغادم ڌار ڌار ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفي دفاعي، اقتصادي ۽ ايوي ايشن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. دفاع واري وزير سمورن حل طلب علائقائي مسئلن جي پرامن حل لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو ۽ خطي ۾ امن ۽ اقتصادي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ??اجڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. تاجڪ سفير ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ موجود ڀائراڻي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. ان کانسواءِ هن گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ پاڪستان سان تعاون لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جي خاطري ڪرائي. اسلامي جمهوريه ??يران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مغادم اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ دفاع واري وزير خواجه محمد آصف سان ملاقات ڪئي، دفاع واري وزير ان حقيقت تي زور ڀريو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ صديون پراڻا ??ذهبي ۽ ثقافتي وابستگين سان ڳنڍيل خوشگوار ۽ ڀائراڻا ??اڳاپا آهن. گڏيل سرحدي ڪميشن جي اهميت کي اجاگر ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان بارڊر مينيجمينٽ جي حوالي سان سمورا ضروري قدم کنيا آهن ۽ ان معاملي تي گڏيل ڪوششون جاري رهڻ گهرجن. ٻنهي ڌرين ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمي??ان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ان کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.