اسلام آباد-04-سيپٽمبر (اي پي پي) گ??رو معاملن واري وفاقي وزير محس?? نقوي سان چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد ملاقات ڪئي جنهن ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ ده??تگردي ۽ فرقيواريت جي خاتمي، مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ بين المسالڪ اتحاد کي هٿي ڏيڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گ??رو وزير جو چوڻ هو ته ده??تگردي جو ڪو به دين ۽ مذهب ناهي، ده??تگردي خلاف جنگ ۾ عالم سڳورن پهرين به قوم جي رهنمائي ڪئي ۽ هاڻي به ان جي سخت ضرورت آهي. ده??تگردي خلاف جنگ ۾ موثر بياني لاءِ سمورن فرقن جي عالمن سان مشاورت ڪئي ويندي. هن چيو ته عالم سڳورن سان مشاورت جي قومي مهم جو جلد آغاز ڪيو ويندو. ده??تگردي خلاف جنگ پاڪستان جي بقاءَ جي جنگ آهي، ان ناسور جي خاتمي لاءِ عالم سڳورن کي هڪ دفعو ٻيهر پنهنجو عظيم ڪردار ادا ڪرڻو آهي. عالم سڳورن هميشه پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته دشمن بدامني پکيڙي ڏڦيڙ پيدا ڪري قومي يڪجهتي کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو. سڀئي گڏجي دشمن جي ناپاڪ ايجندا کي ناڪام بڻائينداسين. مولانا عبدالخبير آزاد چيو ته پيغام پاڪستان، پاڪستان جو اهو عظيم بيانيو آهي جنهن ده??تگردي، انتهاپسندي ۽ فرقيواريت کي حرام قرار ڏنو آهي. موجوده حالتن ۾ بين المسالڪ ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ قومي يڪجهتي لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پاڪستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ گ??رو وزير جون ڪوششون ۽ خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. هن چيو ته ده??تگردي، انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ پوري قوم پنهنجي بهادر هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺل آهي. گ??رو وزير محس?? نقوي مولانا عبدالخبير آزاد جي مذهبي هم آهنگي، اتحاد ۽ وحدت ??ي حوالي سان خدمتن کي ساراهيو.