اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان غزه جي علائقي خان يونس ۾ تاريخي مسجد تي اسرائيلي قابض فوج جي بمباري جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ت?? اهو حملو گهري ث??اف??ي ۽ مذهبي اهميت رکندڙ جڳهه تي ه?? سنگين حملو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو حملو عالمي قانون جي پڻ واضح خلاف ورزي آهي. هن چيو ته هٿياربند تڪرار جي صورت ۾ ث??اف??ي ملڪيتن جي تحفظ جي لاءِ 1954ع جي هيگ ڪنوينشن تحت مذهبي جاين کي نشانو بڻائڻ واضح طور تي منع آهي. هن چيو ته پاڪستان وا??اريل اولهندي ڪناري جي اترئين حصي ۾ اسرائيلي قابض فوج پاران ڪيل تازي وڏي پئماني ت?? فوجي دراندازي ت?? پڻ پنهنجي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان چيو ته اهو حملو چوٿين جنيوا ڪنوينشن ۽ عالمي قانون جي هڪ ٻي واضح خلاف ورزي آهي جيڪو وا??اريل علائقن ۾ شهرين کي بنا ف??ق جي نشانو بڻائڻ کان منع ڪري ٿو.