رحيم يار خان-23 آگسٽ (اي پي پي) ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ شهي?? ٿيل پوليس اهلڪارن جي ??نا??ي نماز ادا ڪئي وئي، شهيد پوليس اهلڪارن جي ??نا??ي نماز صادق شهيد پوليس لائينز ۾ ادا ڪئي وئي. پوليس جي شهيد اهلڪارن جي ??نا??ي نماز ۾ گهرو معاملن واري وفاقي وزير، آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور، گهرو سيڪريٽري پنجاب نور الامين منيگل شرڪت ڪئي. ??نا??ي نماز ۾ فوج جي سينئر آفيسرن، جوانن، عوام ۽ شهيدن جي رشتيدارن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ 12 پوليس اهلڪار شهيد جڏهن ته 8زخمي ٿيا آهن، شهيد پوليس اهلڪارن ۾ اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ 3 جوان به شامل هئا، پوليس جي چست جٿي شهيدن کي سلامي ڏني، ??نا??ي نماز جي ادائيگي کانپوءِ شهيدن جا مڙهه سندن اباڻن علائقن ڏانهن روانا ڪيا ويا. شهيدن کي اباڻن علائقن ۾ مڪمل اعزاز سان ??ٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. گهرو وزير محسن نقوي شيخ زيد اسپتال ۾ علاج هيٺ پوليس جوانن جي طبيعت پ??ي. گهرو وزير محسن نقوي ان ??وقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيدن جون عظيم قربانيون ڪنهن به صورت ۾ رائيگان ??ه وينديون، وفاقي حڪومت ڪچي جي ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ پنجاب حڪومت کي مڪمل مدد فراهم ڪندي. پوليس جوانن جي شهادت پاڪستان ??اءِ سانحو آهي، ان ??ڪروه فعل ۾ ملوث ڌرين کي عبرت جو نشانو بڻائينداسين. هن چيو ته شهيد پوليس اهلڪارن کي اعليٰ اعزازن سان ??وازڻ جي سفارش ڪئي ويندي.