اسلام آباد- 23 آگسٽ (اي پي پي) سي پيڪ منصوبي 2013ع ۾ پنهنجي شروعات کانپوءِ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، سي پيڪ فريم ورڪ تحت منصوبن سان هن وقت پاڪستان لاءِ مجموعي طور تي 25.4 بلين آمريڪي ڊالر جي سڌي ريت سيڙپڪاري آئي آهي، 236000 نوڪريون پيدا ٿيون آهن، 510 ڪلوميٽر شاهراهون، 8000 ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي ۽ 886 ڪلوميٽر نيش??ل ڪور ٽرانسميشن گرڊ جو اضافو ٿيو آهي. گوادر بندرگاهه، چر پر جي بنيادي ڍانچي، توانائي ۽ صنعت تي ڌيان ڏيندي شروعاتي سه??ار جي ترتيب کان وٺي ترقي، ماڻهن جي معاشي ذريعي، جدت، ماحول دوست ۽ کليل ”سي پيڪ جي اپ گريڊڊ ورزن“ تائين، چين پاڪستان اقتصادي راهداري مستقبل ۾ پاڪستان لاءِ يقيني طور وڌيڪ وسيع تر ترقي جا موقعا فراهم ڪندي. اختيارين مطابق پاڪستان جي نئين حڪومت جي قيام کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف چين جو دورو ڪيو ۽ ڌار ڌار ملاقاتون ڪ??ون، چين ۽ پاڪستان وچ ۾ هر موسم ۾ اسٽريٽجڪ سه??ار تي ٻڌل شراڪتداري کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ، مختلف شع??ن ۾ عملي سه??ار کي اڳتي وڌائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي بين الاقوامي ۽ علائقائي معاملن تي وسيع اتفاق راءِ ڪيو. دوري دوران ڌرين مختلف شع??ن ۾ سه??ار جي 23 دستاويزن تي صحيحيون ڪ??ون ۽ هڪ جامع گڏيل پڌرائي جاري ڪئي. چين پاڪ اقتصادي سه??ار وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دوري جي پهرين ترجيع رهيو. پاڪستان اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار قائم ڪرڻ لاءِ چيني ڪاروباري اداران جي حمايت ڪئي ۽ مختلف شع??ن ۾ ٻنهي ڌرين وچ ۾ صنعتي سه??ار کي مضبوط بڻائڻ لاءِ چين پاڪ صنعتي سه??ار فريم ورڪ معاهدي جي ايڪشن پلان تي صحيحيون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ سه??ار جي وڏي منصوبن جي حوالي سان ڌرين قراقرم شاهراهه جي ري روٽنگ منصوبي بابت فريم ورڪ معاهدي تي صحيحيون ڪ??ون ۽ ايم ايل ون کي اپ گريڊ ڪرڻ جي منصوبي کي مرحلي وار هٿي ڏيڻ ۽ فنانسنگ ماڊل فعال طور تي ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ويو ته گوادر پورٽ تي مددگار ??هو??تن جي تعمير ۾ تيزي آندي وڃي. ڪسٽمز معائني جي بنيادي ڍانچي جي اپگريڊيشن ۽ خنجراب-سوست بندرگاهه جي مستقل آپريشن تي جلدي عمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. چين پن بجلي سميت صاف توانائي جي ٻين منصوبن ۾ حصو وٺڻ لاءِ چيني ڪاروباري ادارن کي همٿائيندو.