اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ايجوڪيشن انڊونمنٽ فنڊ قائم ڪرڻ سان غريب خاندانن جا ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهندا، پاڪستان ايجوڪيشن انڊونمنٽ فنڊ ۾ بلوچستان جي نوجوانن جي لاءِ 20 سيڪڙو ڪوٽا رکي وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان سان تعلق رکندڙ برطانيا جي ناليواري يونيورسٽي آف آڪسفورڊ ۾ آڪسفورڊ يونين جي نئين چونڊيل صدر اس??ار خان ڪاڪڙ سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف اس??ار خان ڪاڪڙ کي ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جو نال?? روشن ڪر??ئڻ تي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته اس??ار ڪاڪڙ جهڙا باصلاحيت نوجوان پاڪستان جي پائيدار ۽ روشن مستقبل جا ??امن آهن. توهان جو آڪسفورڊ يونين جي صدر جي چونڊ وڙهڻ ۽ سرخرو ٿيڻ توهان جي ثابت قدمي ۽ پختي عزم جي عڪاس آهي. وزيراعظم چيو ته آئون پراميد آهيان ته اس??ار ڪاڪڙ ۽ ان جهڙا باصلاحيت پاڪستاني نوجوان اهڙي طرح عالمي سطح تي ملڪ جو نال?? روشن ڪندا رهندا. بلوچستان جي پٺتي پيل علائقي سان تعلق رکندڙ نوجوانن جي اڻٿڪ محنت سان پنهنجي سمورن تعليمي مرحلن ۾ وظيفا حاصل ڪرڻ ۽ آخرڪار آڪسفورڊ يونين جهڙي اعليٰ تنظيم جو صدر چونڊجڻ فخر جوڳو آهي. پاڪستان ايجوڪيشن انڊونمنٽ فنڊ جو قيام عمل ۾ اچ?? چڪو آهي، ان سان غريب خاندانن جا ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهندا. پاڪستان ايجوڪيشن انڊونمنٽ فنڊ ۾ بلوچستان جي نوجوانن جي لاءِ 20 سيڪڙو ڪوٽا رکي وئي آهي. ملاقات ۾ اس??ار خان ڪاڪڙ وزيراعظم کي آڪسفورڊ يونين ۾ خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني. اس??ار خان ڪاڪڙ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدمن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته مون سميت پاڪستان جا ??ڀ نوجوان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ هر قسم جي خدمت جي لاءِ تيار آهن.