اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي 5 وفاقي ??زا??تن ۾ سڌارن جي لاءِ سفارشون پيش ڪيون ويون، هڪ لک 50 هزار جي لڳ ڀڳ خالي جايون ختم ڪرڻ ۽ هنگامي بنيادن تي ڀرتين تي مڪمل پابندي هڻڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معا??لن واري ??زا??ت ۽ سرحدي معا??لن واري ??زا??ت کي ضم ڪرڻ ۽ 5 ??زا??تن ۾ 28 ادارن کي مڪمل بند ڪرڻ، نجڪاري ۽ ٻين ??زا??تن/ وفاقي اڪائين کي منتقل ڪرڻ ۽ 12 ادارن کي ضم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ حڪوم??ي ڍانچي جي ماپي ۽ خرچن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان اهم اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري ??فاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معا??لن واري ??فاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري ??فاقي وزير محمد اورنگزيب، صنعت ۽ پيداوار واري ??فاقي وزير راڻا تنوير حسين، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري ??ملڪتي وزير شزا فاطمه، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري ??ملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، ڊپٽي چي??رمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي قومي صحت واري ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد ڀرٿ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي اسان جي ترجيح آهي. هن چيو ته حڪومت جي اداراجاتي سڌارن جو مقصد قومي خزاني تي بار کي گهٽ ڪرڻ ۽ عوام کي فراهم ڪئي ويندڙ سروسز ۾ بهتري آڻڻ آهي. هن هدايت ڪئي ته اهڙا ادارا جن پبلڪ سروس جي حوالي سان ڪا خاطرخواهه ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري ۽ قومي خزاني تي بار آهن انهن کي يا ته فوري طور تي ختم ڪيو وڃي يا پوءِ انهن جي فوري ??جڪاري جي لاءِ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي حوصلا افزائي ڪندڙ اداري سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي پاڻ نگراني ڪندس. هن سميڊا کي وزيراعظم آفيس تحت آڻڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ جي حوالي سان ناڻي واري ??فاقي وزير جي سربراهي ۾ ٺاهيل ڪميٽي تجويزون پيش ڪيون. ڪميٽي هڪ لک 50 هزار جي لڳ ڀڳ خالي جايون ختم ڪرڻ، نان – ڪور سروسز ۽ عام نوعيت جي ڪمن مثال طور صفائي ۽ جينيٽورئل سروسز کي آئوٽ سورس ڪرڻ جي سفارش ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ گريڊ 1 کان 16 تائين جون ڪيتريون ئي جايون ترتيبوار ختم ڪري سگهبيون. ڪميٽي هنگامي بنيادن تي ڀرتين تي مڪمل پابندي هڻڻ جي ۽ ??زا??تن جي ڪيش بيلنسز تي ناڻي واري ??زا??ت جي نگراني جي سفارش پڻ ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ جي حوالي سان ناڻي واري ??فاقي وزير جي سربراهي ۾ ٺاهيل ڪميٽي تجويزون پيش ڪيون. ڪميٽي سفارش ڪئي ته ناڻي واري ??زا??ت ٻين وفاقي ??زا??تن جي ڪيش بيلنسز جي نگراني ڪري، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معا??لن واري ??زا??ت، سرحدي معا??لن واري ??زا??ت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري ??زا??ت، صنعت ۽ پيداوار واري ??زا??ت ۽ قومي صحت واري ??زا??ت ۾ سڌارن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معا??لن واري ??زا??ت ۽ سرحدي معا??لن واري ??زا??ت کي ضم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. سڀ کان پهرين 5 ??زا??ت ۾ 28 ادارن کي مڪمل بند ڪرڻ، نجڪاري ۽ ٻين ??زا??تن/ وفاقي اڪائين کي منتقل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. انهن 5 ??زا??تن ۾ 12 ادارن کي ضم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن تجويز ڪيل سڌارن جي منظوري ??فاقي ڪابينا کان ورتي وڃي. هن انهن سڌارن کي لاڳو ڪرڻ جو ٺوس پلان پڻ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.