اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ارشد نديم جي ڪا??يابي کي آزادي جي ڏهاڙي تي قوم ??ي لاءِ تحفو قرار ڏيندي ملڪ ۾ راندين جي فروغ ??ي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته حڪومت راندين جي فروغ ??ي لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪندي، ڏينهن رات محنت ۽ اتحاد ۽ اتفاق سان ملڪ کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏينداسين ۽ گڏجي ملڪ کي عظيم طاقت بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پيرس اولمپڪس ۾ پاڪستان ??ي لاءِ سون جو تمغو کٽيندڙ جيولين ٿرور ايٿليٽ ارشد نديم جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي وزيراعظم ارشد نديم، سندس والده ۽ سندس گهرڀاتين جو استقبال ڪيو. وزيراعظم چيو ته ارشد نديم پاڪستان کي آزادي جي ڏهاڙي کان اڳ هڪ شاندار تحفو ڏنو جنهن جشن آزادي جي خوشين کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو، وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ارشد نديم 25 ڪروڙ پاڪستاني عوام جو هيرو ۽ دلين جي ڌڙڪن آهي، ارشد نديم 40 سالن کانپوءِ پاڪستان ??ي لاءِ الله تعاليٰ جي رحمت، ڏينهن رات محنت ۽ والدين ۽ قوم جي دعائن سان گولڊ ميڊل کٽيو، ان تي پوري پاڪستاني قوم توهان جي شڪرگذار آ??ي. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي هن اسان جي خوشين کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو. هن چيو ته هن جيولين ٿرور ۾ رڪارڊ قائم ڪيو آهي، قوم جو مورال بلند آهي، ان مان اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته مشڪلاتن کان گهٻرائڻ نه گهرجي پر ان جو همت ۽ استقامت سان مقابلو ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ارشد نديم جي ڪا??يابي اسان سڀني ??ي لاءِ روشن مثال آهي، اسان آزادي جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون، ان مثال سان اسان کي حوصلو مليو آهي ان رستي تي هلي ملڪ کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏينداسين، ڏينهن رات محنت اتحاد ۽ اتفاق سان چئلينجز کي منهن ڏينداسين ۽ گڏجي ملڪ کي عظيم طاقت بڻائينداسين. هن چيو ته ارشد نديم جي والده جي دعائن سان ارشد نديم کي ڪا??يابي ۽ پوري قوم کي عزت ملي جنهن تي سندس والده جا شڪرگذار آ??يون، توهان عظيم ماءُ جا عظيم پٽ آهيو. هن چيو ته ڪا??يابي جو اهو ٻوٽو ڇانوَ ڏيندڙ وڏو وڻ بڻجندو، مستقبل ۾ توهان ڪا??يابي جا وڌيڪ رڪارڊ ٺاهيندا. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون راندين جي فروغ ??ي لاءِ گڏجي ڪم ڪن، هاڪيءَ، ڪرڪيٽ، اسڪوائش کي ٻيهر بحال ڪنداسين. سينيئر رانديگر راندين جي فروغ ??ي لاءِ پنهنجون تجويزون ڏين ته جيئن پاڪستان جي عظمت کي واپس آڻي سگهجي. وفاقي حڪومت راندين جي فروغ ??ي لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪندي، وزيراعظم ملڪ ۾ راندين جي فروغ ??ي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته جيئن پاڪستان کي وڃايل مقام واپس ڏياري سگهجي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ارشد نديم ??ي لاءِ 10 ڪروڙ رپيا جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير 5 ڪروڙ رپين جي انعام جو اعلان ڪيو. ارشد نديم جي ڀرپور پذيرائتي تي سنڌ ۽ پنجاب حڪومت جا ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته راڻا مشهود جو ٿورائتو آهيان هن پنجاب ۾ نوجوانن ??ي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. نوجوان قوم جو سرمايو آهن، ملڪي ترقي ۾ انهن نوجوانن جو وڏو ڪردار آ??ي. وزيراعظم شهباز شريف ارشد نديم کي پيرس اولمپڪس ۾ شاندار ڪارڪردگي، سون جو تمغو کٽڻ ۽ اولمپڪ رڪارڊ ٺاهڻ تي ان ??ي لاءِ 15 ڪروڙ رپين جي انعام جو پڻ اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته 15 ڪروڙ رپين جي انعام تي ٽيڪس ڪٽوتي نه ٿيندي. وزيراعظم اسلام آباد ۾ ايف 9 ۽ ايف 10 سيڪٽر جي وچ ۾ رستي کي ارشد نديم جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. وزيراعظم جناح اسٽيڊيم اسلام آباد ۾ نوجوانن کي راندين جي تربيت ??ي لاءِ ارشد نديم هاءِ پرفارمنس اڪيڊمي قائم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو جتي 2028ع اولمپڪس ??ي لاءِ اٿيليٽس ۽ رانديگرن کي تربيت ڏئي ڀرپور مقابلي ??ي لاءِ تيار ڪيو ويندو. وزيراعظم رانديگرن جي ڀلائي، رٽائرڊ رانديگرن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ انهن کي تربيت جا بهترين موقعا ڏيڻ ??ي لاءِ هڪ ارب رپين جي اسپورٽس انڊومنٽ فنڊ جو پڻ اعلان ڪيو، وزيراعظم ارشد نديم جي اعليٰ ڪارڪردگي ۽ پاڪستان ??ي لاءِ اولمپڪس ۾ 40 سالن کانپوءِ سون جو تمغو کٽڻ تي هلال امتياز سان نوازڻ جو پڻ اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته ارشد نديم جي ڪا??يابي ۾ ان جي ڪوچ سلمان اقبال بٽ جو اهم ڪردار آ??ي ان ??ي لاءِ پڻ هڪ ڪروڙ رپين جي انعام جو اعلان ڪريان ٿو. پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ ارشد نديم چيو ته ان ڪا??يابي تي الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪريون ٿا. وزيراعظم شهباز شريف، پوري پاڪستاني قوم، پنهنجي والدين ۽ ميڊيا جو ٿورا ادا ڪريان ٿو جن جي دعائن سان پيرس اولمپڪس ۾ رڪارڊ قائم ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران عزت افزائي سان حوصلو وڌيو جنهن تي ان جو ٿورائتو آهيان.