اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي ۾ ضابطي وارن سڌارن تي اثرائتي نموني عمل ڪرڻ جي ض??ورت تي زور ڀريو آهي. هن ا??ا ڳالهه جيڪب ڪارڊوا اينڊ ايسوسيئيٽس جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اسڪاٽ جيڪب سا?? ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪئي. سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن جا آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. ملاقات ۾ ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ک?? هٿي ڏيڻ لاءِ مجموعي ض??بطا جاتي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سا?? سڌارن تي ڳالهيون ٿيون. اسڪاٽ جيڪب ريگيوليٽري نظام کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ جامع تجويزون ڏنيون. هن ا?? حوالي سا?? بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ معياري طريقيڪار جي تجويز به ڏني. ناڻي واري وزير سڌارن جي اهميت جي تائيد ڪندي انهن سڌارن تي موثر ن??وني عمل ڪرڻ جي ض??ورت تي زور ڀريو. ڳالهين ۾ انهن شعبن جو به خاص طور تي ذڪر ڪيو ويو جتي ض??بطا جاتي فريم ورڪ جي حوالي سا?? سڌارا ضروري آهن. ڌرين ضابطا جاتي سڌارن لاءِ ڍانچا جاتي طريقيڪار اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.