??سل??م آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان عمان جي شهر مسقط ۾ دهشتگردي جي بزدلاڻي واقعي جي شديد مذمت ڪ??ي آهي، دهشتگردي جي واقعي ۾ 4 پاڪستانين سم??ت ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿي ويا. پرڏيهي آفيس پا??ان جاري بيان ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان عمان جي شهر واديءَ ڪبير جي مسجد امام علي ??ن ابي طالب ۾ دهشتگرد حملي ??ي مذمت ڪ??ي آهي، پاڪستان عمان کي جاچ ۽ دهشتگردن کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ مڪمل تعاون جي آڇ ڪ??ي آهي. ترجمان ٻڌايو ته 30 زخمي پاڪستاني مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. پاڪستان جي سفير عم??ان علي ??خمين جي خيريت معلوم ڪرڻ جي لاءِ مقامي اسپتالن جو دورو ڪيو. پاڪستاني سفير لاشن جي سڃاڻپ ۽ انهن جي وطن واپسي جي لاءِ عماني عملدارن سان رابطي ۾ آهي. عمان ۾ پاڪستانين جي سهولت لاءِ هيلپ لائين قائم ڪئي و??ي آهي.