لاهور-12 جولاءِ (اي پي پي) لاهور جي دهشتگردي ??وڙ خصوصي عدالت ڪالعدم تنظيم لاءِ ڪم ڪندڙ ٻن جوابدارن عبدالحنان ۽ محمد موسيٰ کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي پنج، پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي. دهشتگردي ??وڙ عدالت نمبر ٽي جي جج ارشد جاويد اهو فيصلو ٻڌايو. عدالت قرار ڏنو ته جوابدار الزامن جي حوالي سان پنهنجي بي گناهي ۾ ڪي ٺوس ثبوت مهيا نه ڪري سگهيا. عدالت فيصلي ۾ باور ڪرايو آهي ته پراسيڪيوشن جوابدارن تي لڳايل الزام ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي. جوابدرن تي ڪالعدم تنظيم لاءِ چندو گڏ ڪرڻ ۽ لکت وارو مواد ??کڻ جي الزام ۾ ڪيس داخل آهي، جوابدار عبدالحنان ۽ محمد موسيٰ خلاف 2023ع ۾ ڪيس داخل ڪيو وي?? هو جنهن موجب جوابدارن کان ڪالعدم تنظيم جي مشهوري لاءِ لکت وارو مواد هٿ ڪيو وي?? هو. عدالت دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورت?? هو بعد ۾ جمعي ڏينهن عدالت پنهنجو فيصلو ٻڌايو.