لاهور – 09 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪ??ڻ جي لاءِ جامع موقف اختيار ڪرڻ ۽ دانشمنداڻي مالياتي پاليسين کي اختيار ڪ??ڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معيش?? جي مختلف شعبن، خاص طور تي زرعي شعبي کي جديد رخن تي ترقي ڏيڻ وق?? جي ضرورت آهي. هو پروفيسر وارث مير ميموريل سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي صحافين، تعليمي ماهرن، سياسي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن جو وڏو انگ موجود هو. صدر چيو ته ميڊيا ماڻهن کي انهن جو آواز بلند ڪ??ڻ جي طاقت ڏني آهي، جڏهن ته ويجهڙ وارن سالن ۾ ميڊيا ۾ گروپ بندي پڻ ڏٺي وئي آهي. هن خبردار ڪيو ته دنيا ۾ هڪ مضبوط مذهبي لابي مسلمان معاشرن ۾ ورڇ پيدا ڪ??ڻ جي لاءِ تصورن کي ??نظم ۽ منفي طريقي سان پيش ڪري رهي آهي. هن چيو ته هو صحاف?? جي آزادي جو حامي آهي ۽ هن سدائين ميڊيا جي سخت تنقيد کي برداشت ڪيو آهي. هن چيو ته معاشرن کي ايجنڊا تي ٻڌل معلوما?? جي خلاف محتاط رهڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته زندگي ۾ مشڪلاتن ۽ آزمائشن کي ??نهن ڏيڻو پوي ٿو، جڏهن ته چئلينجز جي سامهون ثابت قدم رهڻ تمام ضروري آهي. هن محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي جمهوري?? جي لاءِ سياسي جدوجهد ۽ قربانين کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي تاريخ دٻاءُ جو مقابلو ڪرڻ ۽ شهادتن سان لکيل آهي ۽ ان سدائين پاڪستان ۾ جمهوري?? جي نصب العين جي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. هن چيو ته قتل جي ڪوششن ۽ سياسي دٻاءُ اسان کي ??شن تان نه هٽائي سگهي ڇو ته اسان پختو يقين رکون ٿا ته زندگي ۽ موت الله جي هٿ ۾ آهي. صدر مرحوم پروفيسر وارث مير جي جمهوريت ۽ صحاف?? جي لاءِ خدمتن ۽ تعاون کي ??ڻ زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. هن فيصل مير ۽ حامد مير جي پنهنجي والد جي ميراث کي اڳتي وڌائڻ کي ??ڻ ساراهيو. سينيئر صحافي حامد مير سياسي انتقام جي ثقاف?? جي خاتمي ۽ 1973ع جي آئين کي ان جي اصل روح موجب اختيار ڪ??ڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سينيئر صحافي سهيل وڙائچ مرحوم پروفيسر وارث مير جي صحافت ۽ جمهوري?? جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. صدر جي سياسي حڪمت ۽ مفاهمتي ڪردار کي ساراهيندي هن چيو ته ملڪ کي سياسي مصالح?? جي سخت ضرورت آهي ۽ صدر مل?? جي سياسي ۽ اقتصادي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.