اسلام آباد-08 ??ول??ءِ (اي پي پي) آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) حيدرآباد ضلعي ۾ واقع ڪنر ويل -11 جي ڪامياب بحالي جو اعلان ڪري ڇڏيو آ??ي. جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان کوهه مان 960 بيرل ڏهاڙي تيل حاصل ڪيو پيو وڃي. او جي ڊي سي ايل مان جاري بيان موجب ڪنر ويل -11 او جي ڊي سي ايل جي ڪنر آئل فيلڊ جو حصو ۽ ڪنر مائننگ ليز ايريا اندر واقع آهي جتي او جي ڊي سي ايل جي شراڪت 100 سيڪڙو آ??ي، اهي قدم ڪمپني جي پيداوار وڌائڻ جي عزم ۽ پڪي کوهه جي بحالي ۾ جديد فن ج?? موثر هجڻ کي اجاگر ڪري ٿو. ٻئي طرف کوهه 11 مان تيل جي پيداوار ملڪي امپورٽ بل ۾ ساليانو 30.19 ملين ڊالرن جي خاطر خواهه بچت جي اميد آهي. ان بچت سان قوم جي وڌندڙ توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪ??ڻ لاءِ توانائي جي وسيلن جي قابل اعتماد فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو.