اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) ناڻ?? واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ ٽيڪس نيٽ کي سگهارو بڻائڻ سميت پنجن بنيادي اصولن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي، هن وقت جي ڊي پي جي شرح سان ٽيڪس جي 10 سيڪڙو شرح جٽادار ناهي. پوسٽ بجيٽ پر??س ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻ?? واري وزير چيو ته نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ ٽيڪس جي بنياد کي وسيع ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي، ملڪ ۾ هن وقت جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح 10 سيڪڙو جي ويجهو آهي جيڪا پائيدار ناهي، ايندڙ ٻن ٽن سالن ۾ جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح 13 سيڪڙو تائين وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪنداسين. غير دستاويزي معيشت جو خاتمو به حڪومتي ترجيحن ۾ شامل آهي، ان مقصد لاءِ ڊجيٽلائيزيشن جو عمل اڳتي وڌايو پيو وڃي، ان سان ٽيڪس جي نظام ۾ انساني مداخلت کي گهٽ ڪيو ويندو جنهن سان نه رڳو روينيو ۾ اضافو ٿيندو پر شفافيت پڻ ايندي. ناڻ?? واري وزير چيو ته وڌيڪ آمدن?? وارن تي وڌيڪ ۽ گهٽ آمدن?? وارن طبقن تي گهٽ ٽيڪس لڳايو ويو آهي، نان ف??ئل??ز لاءِ ڪاروباري ٽرانزيڪشن تي ٽيڪس جي شرح ۾ نمايان اضافو ڪيو ويو آهي ۽ ڪجهه هنڌن تي ان شرح کي 45 سيڪڙو تائين وڌايو ويو آهي، اسان کي نان ف??ئل??ز جي سبب کي هن ملڪ مان ختم ڪرڻو پوندو، بجيٽ ۾ گهٽ آمدن?? وارن طبقن کي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي. ناڻ?? واري وزير چيو ته هي ??هي پنج بنيادي اصول آهن جن جي بنياد تي بجيٽ ترتيب ڏنو ويو آهي.