لاهور – 04 – جون (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چين جي پنجن جي ڏينهن سرڪاري دوري تي روانو ٿي ويو. وزيرا??ظم آفيس جي م??ڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيرا??ظم سان گڏ آهن. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيني صدر شي جن پنگ ۽ چيني وزيرا??ظم لي ڪي ڪيانگ جي خصوصي دعوت تي 4 کان 8 جون تائين چين جو پنجن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. بيان موجب وزيرا??ظم جو چين جو دورو چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ٻئي مرحلي ۽ پاڪستان چين اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وزيرا??ظم پنهنجي دوري جي پهرين مرحلي ۾چيني شهر شين??ن ويندو. وزيرا??ظم ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن جي وچ ۾ حصيداري جي فروغ جي لاءِ چين جي شهر شينزن ۾ بزنس فورم ۾ شرڪت ڪندو. جڏهن ته وزيرا??ظم چيني ون ونڊو آپريشن جي مشاهدي جي لاءِ نانشان ون ونڊو ۽ هواووي جي هيڊڪوارٽرز جو دورو پڻ ڪندو. وزيرا??ظم دوري جي ٻئي مرحلي ۾ بيجنگ ويندو جتي سندس چين جي اعليٰ قيادت سان ملاقات ٿيندي. وزيرا??ظم چيني صدر شي جن پنگ ۽ چيني هم منصب لي ڪي ڪيانگ سان ملاقات ڪندو. وزيرا??ظم چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو. ان کانسواءِ اعليٰ سرڪاري عهديدارن، مختلف ڪمپنين جي سربراهن ۽ چيني سيڙپڪارن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. بيجنگ ۾ وزيرا??ظم عوامي يادگار (پيپلز يادگار) جو دورو پڻ ڪندو. وزيرا??ظم پنهنجي چين جي دوري جي آخري مرحلي ۾ چيني شهر شيان ويندو جتي مقامي قيادت سان ملاقات سميت وزيرا??ظم چين جي زرعي ترقي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي مشاهدي جي لاءِ ماڊل فارمز ۽ گرين ٽيڪنالاجي ڪمپنين جو دورو ڪندو. دوري دوران پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ نه رڳو سي پيڪ جي ٻئي مرحلي، اسٽريٽجڪ حصيداري پر واپار ۽ سيڙپڪاري، دفاع، قومي ۽ علائقائي سلامتي، توانائي، خلائي تحقيق، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ هنر ۽ ثقافتي شعبي ۾ تعاون جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جو چين جو دورو ٻنهي ملڪن جي حصيداري کي وڌيڪ مثبت رخ ڏيڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو.