اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) نائب ??زيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊ??ر ايراني صدر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. نائب ??زيراعظم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان جي تازي دوري دوران مرحوم ايراني صدر سيد ابراهيم رئيسي پاڪ ايران لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. نائب ??زيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊ??ر چيو ته ايراني قوم جي لا??ِ مرحوم جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن مرحوم اڳواڻن جي درجن جي بلندي لا??ِ دعا پڻ ڪئي.