اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سعودي سيڙپڪار پاڪستان ?? سيڙپڪار?? جي موقعن مان ف??ئدو کڻن، ايس آءِ ايف س?? جي ذريعي سعودي سيڙپڪارن کي رڪاوٽن کان پاڪ ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي دوري تي آيل سعودي وفد جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سعودي عرب مان پاڪستان جي دوري تي آيل معزز مهمانن جي آجيان ڪريون ٿا، سعودي عرب جي وزيراعظم ۽ ولي عهد سان ملاقات دوران انهن جي رويي سان وڏو حوصلو مليو، سعودي عرب ۾ ويزنري قيادت آهي، سعودي عرب جي ولي عهد جي سعودي عرب کي جديد بڻائڻ جي پاليسين جا معترف آهيون. هن چيو ته ولي عهد محمد بن سلمان سعودي عرب جي لاءِ شاندار خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته زراعت، آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاج?? جي شعبن ۾ سعودي عرب جي ترقي کي ساراهيون ٿا، سعودي عرب هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي انهن جا ٿورائتا آهيون، سعودي عرب 7 ڏهاڪن کان پاڪستان جو ساٿ ڏئي رهيو آهي، ان جي فراخدلي کي ساراهڻ جي لاءِ مون وٽ لفظ نه آهن. هن چيو ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان هر سطح تي پاڪستان جي مدد ڪرڻ چاهي ٿو، سعودي عرب جا سيڙپڪار ايس آءِ ايف س?? جي ذريعي پاڪستان ?? سيڙپڪار?? جي موقعن مان بهترين ف??ئدو کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته سعودي عرب نوڪرين جي موقعن جي حوالي سان اهم ملڪن ۾ شامل آهي، سعودي عرب جي معيشت تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته سعودي عرب سيڙپڪار?? جي لاءِ پاڪستان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، سعودي ڪمپنيون پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان ف??ئدو کڻن، اسان کي به ان حوالي سان تياري ڪرڻي پوندي. سعودي وفد جي پاڪستان جي دوري سان لاڳاپن جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان جا سياحتي ماڳ تمام گهڻا خوبصورت آهن. ان موقعي تي سعودي عرب جي معاون وزير ابراهيم المبارڪ خطاب ڪندي چيو ته سعودي عرب سان پاڪستان جي حصيداري اهميت جوڳي آهي، سعودي قيادت جي هدايت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيا ??هيون، پاڪستان سعودي عرب جو اسٽريٽجڪ دوست ۽ حصيدار آهي. سعودي عرب جي نجي شعبي پاڪستان ?? سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظ??هر ڪئي آهي. آجياڻي ۾ سعودي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن شرڪت ڪئي. آجياڻي ۾ وفاقي وزيرن سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم پنهنجي تقرير جي شروعات عربي ۾ ڪئي جنهن کي اتي موجود ماڻهن گهڻو ساراهيو.