اسلام آباد – 19 – ??پريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ تازين برساتن سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ??هي ته متاثرين جي بحالي ۽ امداد جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ??ه مشڪل جي هن گهڙي??َ ۾ منهنجون همدرديون متاثرين سان گڏ آهن. صدر برسات جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙن جي مغفرت لاءِ د??ا ڪئي.