اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ تنزانيه 12 مارچ تي دارالسلام ۾ ٻطرفي ??ياسي مشاورت جو افتتاحي اجلاس منعقد ڪندا. اها ڳالهه پرڏيهي ??فيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. ڳالهين ۾ ايڊيشنل پرڏيهي ??يڪريٽري (آفر??قا) شهريار اڪبر پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو جڏهن ته تنزانيه جي وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت ۽ اوڀر آفريقي تعاون جي ڊائريڪٽر ايشيا سالواتور ايمبيليني ڪندو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ تنزانيه جي وچ ۾ گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. تنزانيه آفريقي کنڊ ۾ پاڪستان جو هڪ اهم واپاري حصيدار آهي. ٻطرفي ??ياسي مشاورت جي شروعات ٻطرفن لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي اسان جي گڏيل خواهش کي نظر ۾ رکندي ٿي آهي. هن چيو ته ٻطرفي ??ياسي مشاورت پاڪستان ۽ تنزانيه جي وچ ۾ مشغوليت ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ اهم اداراجاتي فريم ورڪ طور تي ڪم ڪندو. هن چيو ته ٻئي ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن ??خن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون، تعاون جون نيون راهون ڳولينديون ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون.