اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) ۽ ٻين اتحادي پارٽين جو صدارتي اميدوار آصف علي زرداري 411 ووٽ ??اص?? ڪري صدر مملڪت چونڊجي ويو. سندس مقابلي ۾ مخالف ڌر جي پارٽين جو اميدوار محمود خان اچڪزئي 181 ووٽ ??اص?? ڪيا. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل غير حتمي سرڪاري نتيجن موجب صدر مملڪت جي چونڊ لاءِ مجموعي طور پارليامينٽ ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ پنج پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويا هئا، قومي اسيمبلي هال ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن لاءِ قائم پولنگ اسٽيشن مان حڪمران اتحاد جي اميدوار آصف علي زرداري 411 وٽ ??اص?? ڪري ڪامياب ٿي ويو. جڏهن ته سندس مقابلي ۾ سني اتحاد ڪائونس?? ۽ ??ين مخالف ڌر جي پارٽين جو اميدوار محمود خان اچڪزئي 181 ووٽ ??اص?? ڪري سگهيو. قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جي ٽوٽل 1044 اسيمبلي ميمبرن پنهنجي ووٽ ??و حق استعمال ڪيو جن مان مسلم ليگ (ن)، پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين، متحده قومي موومينٽ پاڪستان، پاڪستان مسلم ليگ، تحريڪ استحڪام پاڪستان، بلوچستان عوامي پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي ۽ ٻين حڪمران پارٽين جي گڏيل اميدوار اڳوڻي صدر آصف علي زرداري 411 ووٽ ??اص?? ڪيا. پولنگ جو عمل 4 وڳي تائين جاري رهيو، اعلان ڪيل نتيجن موجب صدر مملڪت جي چونڊ لاءِ اليڪٽوريل ڪاليج ۾ ڪل ووٽ 1185 هئا جن مان 92 سيٽون خالي آهن، ڪل 1044 ووٽرن پنهنجي ووٽ ??و حق استعمال ڪيو جن مان 9 ووٽ ??د ٿي ويا، 1035 ووٽ ??رست قرار ڏنا ويا، پرزائيڊنگ آفيسرن طرفان حتمي نتيجا ملڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن طرفان ڪامياب اميدوار جو نوٽيفڪيشن اڄ آچر تي جاري ڪيو ويندو.