اسلام آباد- 11 فيبروري (اي پي پي)پاڪستان موغاديشو ۾ مل??ري بيس تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان ۾ ترجمان چيو ته پاڪستان موغاديشو ۾ مل??ري بيس تي گڏيل عرب امارتن جي مل??ري ٽرينرز ۽ تربيت هيٺ صومالي سپاهين جي تربيتي ڪيمپ تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي گڏيل عرب امارتن ۽ بحرين جي عوام، حڪومت ۽ متاثر خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته زخمين جي جلد صحتيا??ي جي دعا ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو ۽ دهشتگردي جي واقعن خلاف صوماليه جي حڪومت سان گڏ آهي.