ڪراچي-08 فيبروري (اي پي پي)ڪراچي ۾ عام ??ون??ن 2024ع لاءِ پولنگ پرامن انداز ۾ جاري رهي، جتي 90 لک کان وڌيڪ ووٽرز 22 قومي ۽ 47 صوبائي تڪن تي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري نمائندن جي ??ون?? ڪندا. پولنگ اليڪش?? ڪميشن جي مقرر ڪيل وقت صبح 8 وڳي کان شروع ٿي ۽ شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهي. ??ون??ن جي پولنگ لاءِ سياسي پارٽين طرفان ووٽرن کي سندن ووٽ بابت آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ لڳايل ڪيمپن تي وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ووٽرز جو انگ وڌندو پيو وڃي، ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي 22 ۽ سنڌ اسيمبلي جي 47 سيٽن لاءِ 1995 اميدوار ميدان ۾ آهن، ڪراچي جي پولنگ اسٽيشنن جي قيام لاءِ 2779 عمارتون حاصل ڪيون ويون آهن، انهن عما??تن ۾ م??موعي طور تي 5342 پولنگ اسٽيشن ٺاهيون ويون، 3038پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون آهن. ڪرچي ۾ صرف 128 پولنگ اسٽيشنون نارمل آهن.