اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) ڊاڪٽر طارق محمود خان چيو آهي ته 2024ع جي عام چونڊن جي حوالي سان ضابطه اخلاق جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سيمينارز جي تسلسل سان ڌرين جي وچ ۾ مباحثي جي شروعات خوش آئنده آهي. ڌرين خاص طور تي ميڊيا ۾ ان بحث تي ڌي??ن ڏنو ويو ته اسان جي ڪوشش لاڀائتي ثابت ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جي اهتمام هيٺ ”چونڊ ضابطه اخلاق“ سيمي??ار کي خطاب ڪندي ڪيو. اهو ان حوالي سان ٽيون ڪامياب سيمي??ار هو جنهن ۾ اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، اڪيڊمين ۽ ميڊيا جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ۾ حصو وجهندي پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. سيمي??ار ۾ شريڪ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ترجمان مثبت ۽ تعميري تجويزن جي آجيان ڪئي ۽ انهن کي آئنده ضابطه اخلاق ۾ شامل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. پي آءِ او پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ سمورين ڌرين جي سيمي??ار ۾ شرڪت تي آجيان ڪئي. هن چيو ته اليڪشن جي آمد سان پي آءِ ڊي سوچيو ته ان حوالي سان ضابطه اخلاق ۽ انهن عوامي مسئلن تي سيمي??ار منعقد ڪيو وڃي جيڪي ميڊيا ۾ به اڪثر نظرانداز رهجي وڃن ٿا. هن چيو ته معاشري جي بدلجندڙ صورتحال ۾ اهي سيمينارز اهميت رکندڙ آهن. هن چيو ته ان کان اڳ ٻه سيمي??ار منعقد ٿي چڪا آهن جن ۾ ”پاڪستان جي عام چونڊون 2024ع، سياسي پارٽين جي اقتصادي ايجنڊا جي موضوع تي پهريون سيمي??ار 11 جنوري تي منعقد ڪيو ويو جڏهن ته ٻيو سيمي??ار ”پاڪستاني راءِ ڏيندڙن جو بدلجندڙ منظرنامو ۽ منصفاڻي نمائندگي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سياسي پارٽين جو ڪردار“ جي عنوان سان سومر ڏينهن منعقد ٿيو ۽ هيءَ ان سلسلي جو ٽيون سيمي??ار آهي جنهن کانپوءِ چوٿون سيمي??ار به ٿيندو. هن چيو ته سيمينارز ڪراچي ۽ لاهور ۾ به منعقد ڪرايا ويندا. ڊاڪٽر طارق محمود خان چيو ته رولز آف گيمز ڇا آهي ان جي تعين جي حوالي سان هي سيمينارز اهميت رکندڙ آهن. سيمينارز ۾ سمورن موضوعن جو تفصيلي احاطو ڪندي عوامي آگاهي جي لاءِ ڪارائتي معلومات گڏ ڪري اُن کي ميڊيا جي ذريعي عوام تائين پهچايو پيو وڃي. هن چيو ته ميڊيا ضابطن جي حوالي سان پڻ ??روري معلومات تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي جنهن سان موضوع جي مناسبت سان ميڊيا جي اهميت حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿيندي. هن چيو ته ٿورو ڌي??ن ميڊيا به ان طرف ڏي ته اها ان مقصد ۾ تمام وڏي ڪاميابي هوندي. هن منتظمين جي ڪوششن کي پڻ ??اراهيو. سيمي??ار جا ٻه سيشنز منعقد ٿيا جن جي ڪارروائي مهرين طارق ۽ رضوان رونق رائو هلائي. ان موقعي تي مباحثي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ترجمان سيد نديم حيدر، تعليمي ماهر ڊاڪٽر شاهد حسين (علامه اقبال اوپن يونيورسٽين) ۽ ڊاڪٽر روح الامين خان (عالمي اسلامي يونيورسٽي)، سينيئر صحافي حافظ طاهر خليل، افتخار شيرازي، جاويد سومرو، وهاب حسين، شاهده نويد، سماجي ڪارڪن عصمت الله نويد ۽ ٻين حصو ورتو جڏهن ته انيقه نثار زوم جي ذريعي شرڪت ڪئي.