اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان گلگت بلتستان ڪائونسل جي چونڊيل ميمبرن جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي موجوده صورتحال ۽ مسئلن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته گلگت بلتستان جي پائيدار سماجي ۽ معاشي ت??قي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته گلگت بلتستان جي سياحت ج?? شعبي ۾ت??قي جا تمام گهڻا امڪان موجود آهن، خطي جي عوام تعليم يافته ۽ ڀرپور صلاحيتن جي مالڪ آهي جتي خواندگي جي شرح هڪ خوش آئنده اشاريو آهي. صدر چيو ته گلگت بلتستان جي ??در??ي ۽ انساني وسيلن جي ت??قي تي ڌيان ڏيڻو پوندو، مقامي زراعت ۽ پوکيءَ کي ڀرپور صلاحيت موجب ت??قي ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي گلگت بلتستان جي مسئلن بابت لاڳاپيل فورمز کي آگاهه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.