اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪ?? سان ”ريزيليئنٽ پاڪستان“ ڪتاب جي ليکڪه حيا فاطمه سهگل ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم ان حوالي سان سوشل ميڊيا ايڪس تي پوسٽ ڪئي. ڄاڻايل ليکڪه جو اهو ڪتاب سندس مضمونن ۽ فيچرز جو مجموعو آهي جنهن ۾ انهن ماڻهن جي لاءِ ڪتاب جو هڪ حصو مخصوص ڪيو ويو آهي جن ملڪ جي خدمت لاءِ پنهنجون زندگيون وقف ڪري ڇڏيون آهن. ڪتاب ۾ ثقافتي مسئلن، انتهاپسند?? کي منهن ڏيڻ ۽ موسمياتي تبديلي جهڙن موضوعن جو احاطو ڪيو ويو آهي.