راولپنڊي-27 ڊسمبر (اي پي ??ي) پاڪستان 400 ڪلوميٽرن تائين جي مفاصلي تي انتهائي درستگي سا?? هدفن کي نشانو بڻائڻ واري فتح ٽو ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب هي ميزائل جديد ترين ايويونڪس، نيويگيشن سسٽم ۽ منفرد اڏام جي صلاحيت سا?? ليس آهي. هٿيارن جو نظام 400ڪل??ميٽرن جي حد تائين انتهائي درستگي سا?? هدفن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ٽنهي هٿياربند فوجن جا سينئر آفيسر، سائنسدان ۽ انجنيئرز فتح ٽو ميزائل تجربي جي موقعي تي موجود هئا. صدر مملڪت، نگران وزيراعظم، چيئرمين جو??ئن?? چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ آرمي چيف فتح ٽو ميزائل جي ڪامياب تجربي تي هٿياربند فوج جي ماهرن ۽ سائنسدانن کي مبارڪون ڏنيون.