اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) اطل??عا??، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جي صدارت ۾ سنڌي زبان جي عظيم شاعر شي?? اياز جي 100 هين سالگرهه جي تقريب منعقد ڪرڻ جي لاءِ جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ثقافت ۽ قومي ورثي وارو نگران وفاقي وزير جمال شاهه، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي پڻ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ??ال??ائيندي اطل??عا?? ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته شي?? اياز جديد سنڌي شاعري جو سڀ کان وڏو شاعر ۽ اديب هو، شي?? اياز پنهنجي شاعري جي شروعات اردو شاعري سان ڪئي ۽ بعد ۾ سنڌي شاعري ۾ اعليٰ ترين مقام حاصل ڪيو. ثقافت ۽ قومي ورثي واري نگران وفاقي وزير جمال شاهه چيو ته شي?? اياز سنڌي شاعري ۽ ادب ۾ نوان رجحان متعارف ڪرايا، هو نه رڳو سنڌ پر ننڍي کنڊ جو عظيم شاعر آهي. تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته شي?? اياز جي شاعري کانسواءِ جديد سنڌ جو تصور ممڪن نه آهي، شي?? اياز عهد ساز شاعر هو، سندس شمار انهن ليجنڊز ۾ ٿئي ٿو جن جي زندگي ۾ ئي انهن جي عملي ۽ ادبي تخليق تي ڪم جي شروعات ٿي وئي هئي. اجلاس ۾ سنڌي زبان جي مشهور شاعر شي?? اياز جي ادبي خدمتن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ تقريب منعقد ڪرڻ جو فيصلو ??يو ويو. تقريب ۾ ب??وچستان جي گورنر عبدالولي ڪاڪڙ، سينيٽر مشاهد حسين سيد، افتخار عارف، سليمه هاشمي، سيد احمد شاهه، مونس اياز سميت ڪيترين ئي ناليوارين شخصيتن کي گهرايو ويندو. سنڌ جي شهر شڪارپور ۾ 1923ع ۾ پيدا ٿيندڙ شي?? اياز جي زندگي جي لاهن چاڙهن ۽ سندس شاعري جي سفر جي عڪاسي ڪندي دستاويزي فلم پڻ تقريب ۾ پيش ڪئي ويندي جڏهن ته تقريب ۾ پينل مباحثو، مڪالمو ۽ موسيقي جا پروگرام پڻ شامل هوندا. اجلاس ۾ اطل??عا??، قومي ورثي ۽ تعليم واري وزارتن جي اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.