اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جمهوريه ڪوريا ۽ پاڪستان جي سفارتي لاڳاپن جا 40 ??ال مڪمل ٿيڻ تي ٻنهي ملڪن جي عوام کي مبارڪباد ڏ??ندي چيو آهي ته پاڪستان جمهوريه ڪوريا ??ان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. جمهوريه ڪوريا ??ي سفارتخاني پاران پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا ??ي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 40 ??ال مڪمل ٿيڻ تي منعقد تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته جمهوريه ڪوريا پنهنجي دورانديش ۽ پرعزم قيادت جي ڪر?? اقتصادي ۽ صنعتي شعبن ۾ ترقي جا هدف حاصل ڪيا. هن چيو ته پاڪستان ڏکڻ ڪوريا ک?? اقتصادي ۽ فني ترقي جي ڳولا ۾ هڪ قابل قدر اتحادي طور ڏسي ٿو. تقريب ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، پرڏيهي سفارتڪارن سميت ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا ??ي 40 سالا سفارتي لاڳاپن جي مناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.