ارومچي – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي چين جي دوري دوران چين جي خودمختيار صوبي س??ڪيانگ جي گادي واري شهر ارومچي پهتو جتي هن سنڪيانگ يونيورسٽي جو دورو ڪيو. يونيورسٽي پهچڻ تي س??ڪيانگ يونيورسٽي جي صدر يائو ڪيانگ ۽ اڪيڊميا جي ميمبرن سندس استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم اسڪالرز، محق??ين?? تعليمي ماهرن، فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن جي هڪ وڏي ميڙ کي خطاب ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته سندس سنڪيانگ جو دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پائيدار لاڳاپن ۾ سنگ ميل جي عڪاسي ڪري ٿو. هن گڏيل امن، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ پاڪستان ۽ چين جي هر طرح جي وقت ۽ حالتن ۾ اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي حوالي سان سنڪيانگ جي اهميت ??ي اجاگر ڪندي قديم شاهراهه ريشم جي ذريعي س??ڪيانگ سان تاريخي رابطن جو ذڪر ڪيو. سنڪيانگ ۽ گلگت بلتستان جي وچ ۾ ثقافتي ۽ تاريخي رابطن جي حوالي سان ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم بنيادي ڍانچي جي ترقي، اقتصادي هم آهنگي، واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت، تعليمي مٽاسٽا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ?? ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سنڪيانگ سان حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي دلچسپي جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۾ شاگردن جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ چين جي نوجوانن مان ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي ايندڙ سالن ۾ ان دوستي ۽ ڀائيچاري کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا. ان کان اڳ نگران وزيراعظم کي يونيورسٽي جي هسٽري ميوزيم ۾ 99 سال پراڻي س??ڪيانگ يونيورسٽي جي تاريخ بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي.