اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته غزه جي الاهلي الممدني اسپتال تي اسرائيل جي وحشياڻي حملي ۾ معصوم شهرين جو قتلام غيرانساني ۽ ناقابل دفاع آهي، اهو عالمي قانون ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزي??اع??م چيو ته اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن جي لاءِ جوابده ٿيڻ گهرجي ڇو ته هن غزه تي پنهنجي بمباري ۽ گهيراءُ جاري رکيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ فوتگيون، تباهي ۽ لڏپلاڻ ٿي آهي. هن چيو ته اسرائيلي قبضي جي حامين کي پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي غزه جي ماڻهن جي خلاف دهشتگردي جي مهم هلائڻ ۾ اسرائيلي عملدارن کي ڇوٽ ڏي ٿي. نگران وزي??اع??م غزه جي الاهلي الممدني اسپتال تي اسرائيلي حملي جي شديد مذمت ڪئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شهري مارجي ويا. هن چيو ته اسپتا??ن کي نشانو بڻائڻ غيرانساني فعل آهي، عالمي انساني قانون اسپتالن ۽ طبي عملي کي تحفظ فراهم ڪن ??ا. ??گران وزي??اع??م چيو ته اسان ان بنا فرق جي قتلام جي خاتمي جو مطالبو ڪريون ٿا ۽ عالمي برادري تي زور ڀريون ٿا ته اها تشدد کي روڪڻ جي لاءِ تيزي سان ڪم ڪري ۽ ذميوارن جو احتساب ڪري. هن چيو ته ڪجهه عرصو اڳ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سان ڳالهه ٻولهه ۾ ان تي زور ڏنو هو ته عالمي برادري اسرائيل کي چوي ته هو بيگناهه فلسطينين جو قتلام بند ڪري.