نانجنگ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ثقافتي وابستگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ??لڪ?? جي ميڊيا تنظيم?? جي وچ ۾ گڏيل پروڊڪشنز ۽ دستاويزي فلم?? جي تياري سميت مختلف شعبن ۾ رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان ميڊيا تعاو?? جي فروغ لاءِ پرعزم آهي، گڏيل پروڊڪشنز ميمبر ??لڪ?? جي ثقافت ۽ سياحت کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون ۽ ميمبر ملڪ هڪ ٻئي جي تجربن ۽ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي سگهندا. شنگهائي تعاون تنظيم جي ٽي وي فيسٽيول جي شرڪت ڪندڙ کي خطاب ڪندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين هن سال سي پيڪ جي ڏهين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. ستن ڏهاڪن تي ٻڌل پاڪ چين دوستي جو اهو شاندار سفر انفرادي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي لاءِ مضبوط ڀائرن جو درجو رکن ٿا ۽ انه?? جي وچ ۾ ثقافتي رابطا صديون پراڻا آهن. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي فريم ورڪ سان اهي رابطا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن. نگران وفاقي وزير چيو ته سي پيڪ ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ تاريخي معاشي تعاو?? جي شڪل اختيار ڪيل آهن. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان 2023ع کي ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ سياحتي مٽاسٽا جو سال قرار ڏنو آهي جنهن جو مقصد عوامي سطح تي وفد?? جي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ متحرڪ سياحت ۽ ثقافتي ماحولياتي نظام جوڙڻ آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) خ??ي جي ميمبر ??لڪ?? جي لاءِ سماجي، اقتصادي، مواصلات، ميڊيا ۽ ثقافتي شعبن ۾ ٺوس ۽ پائيدار تعاو?? جي فروغ جي لاءِ ڪارائتو پليٽ فارم آهي، ريڊيو، ٽيليويزن ۽ ٻين آڊيو ويزيوئل مصنوعات جي شعبن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر?? جي وچ ۾ تعاون تنظيم جي ڪاميابي جو مظهر آهي. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان ميڊيا تعاو?? جي فروغ لاءِ پرعزم آهي. مرڪزي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ۾ تعاون عوامي سطح تي رابط?? جي فروغ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ??لڪ?? جي ميڊيا تنظيمن کي پاڪستان سان گڏيل پروڊڪشن ۽ ٻين منصوبن ۾ حصيداري جي دعوت ڏيندي چيو ته ايس سي او ميمبر ملڪ هڪ ٻئي جي تجربن ۽ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي سگهن ٿا، گڏيل پروڊڪشنز اسا?? جي ملڪ جي ثقافت ۽ سياحت کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون.