نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ترقي يافته م??ڪن پاران ڪوپ – 28 ۾ موسمياتي تبديلي جي حوالي سا?? سا??يانو 100 ارب ڊالر جي فراهمي جي واعدن تي عملدر??مد جو منتظر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ترقي يافته م??ڪن پاران ڪوپ – 28 ۾ موسمياتي تبديلي جي حوالي سا?? ماحولياتي تبديلي جي لاءِ 100 ارب ڊالر جي فراهمي ۽ اسرندڙ م??ڪن جي لاءِ اڌ مالياتي وسيلا رکڻ، موسمياتي تبديلي سا?? ٿيندڙ نقصانن جي ازالي جي لاءِ فنڊز جي فراهمي ۽ فنڊز جي انتظامن کي فعال بڻائڻ ۽ گلوبل وارمنگ کي 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محدود رکڻ جي هدف جي لاءِ ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي جي هدفن جي حوالي سا?? ڪيل واعدن تي عملدر??مد جو منتظر آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي درپيش فوڊ فيول ۽ فنانس چئلينجز، ڪووڊ، تڪرارن ۽ اسرندڙ م??ڪن تي موسمياتي تبديلي جي اثرن جي ڪري آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلين جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ م??ڪن مان هڪ آهي. گذريل گرمي جي موسم جي شديد ٻوڏ اسان جي ملڪ جو ٽيون حصو ٻوڙي ڇڏيو، 1700 ماڻهو فوت ۽ 80 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا، اهم انفراسٽرڪچر تباهه ۽ پاڪستان جي معيشت کي 30 بلين ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان گذريل جنوري ۾ جنيوا ڪانفرنس ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي منصوبي تحت 10.5 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي واعدن کي ساراهي ٿو، فور آر ايف منصوبي تي عملدر??مد ۽ فنڊز وقت سر جاري ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مخصوص منصوبا پيش ڪيا پيا وڃن. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اسان جا ترقياتي حصيدار بحالي جي منصوبي جي لاءِ 13 ارب ڊالر جاري ڪرڻ کي يقيني بڻائيندا.