اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ کي 12 آگسٽ تائين نگران وزيراعظم جو نالو ڏيڻ جو چئي ڇڏيو. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب صد?? وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ تحليل ٿيل قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض احمد کي خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 224 ه?? اي تحت صد?? وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي مشوري سان نگران وزيراعظم جي مقرري ڪري ٿو، آئين تحت وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ کي قومي اسيمبلي جي تحليل جي 3 ڏينهن جي اندر نگران وزيراعظم جو نالو تجويز ڪر??و هوندو آهي. صد?? چيو ته مون وزيراعظم جي ايڊوائيس منظور ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 9 آگسٽ تي قومي اسيمبلي تحليل ڪئي وئي. وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ 12 آگسٽ تائين موزون نگران وزيراعظم جو نالو تجويز ڪن.