اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگ??يب چئن ڏهاڪن کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي اسڪوائش ۾ پاڪستان جي فتح تي پوري قوم کي ۽ حمزه خان کي ورلڊ جونيئر اسڪوائش چيمپيئن بڻ??ڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ??ه 1986ع ۾ جان ??ير خان پاڪستان کي جيڪو اعزاز ڏياريو هو، 37 سالن کان پوءِ حمزه خان ٻيهر ان کي پاڪستان جي نالي ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان جي هر نوجوان کي وطن جي سربلندي جو ذريعو بڻ??ئي، درسگاهن ۽ راندين جي ميدانن کي آباد ڪري، هر قدم تي پاڪستان سربلند، سرخرو ۽ فتحياب ٿئي.