اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيپٽن محمد سرور ش??يد کي شهادت جي ڏهاڙي تي سندس جرئت ۽ بهادري کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قوم جي ان بهادر فرزند دشمن جي ڪشمير تي جارحاڻي قبضي جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائيندي شهادت ماڻي. پا??ستان جي قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه ٿي وساري سگهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مون سميت سڄي قوم اڄ ملڪ جي پهرين نشان حيدر ماڻيندڙ محمد سرور ش??يد جي شهادت جي ڏهاڙي تي ان کي ان جي جرئت ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪري ??ي. قوم جي ان بهادر فرزند دشمن جي ڪشمير تي جارحاڻي قبضي جي ناپاڪ ارادن ۾ خاڪ ۾ ملائيندي شهادت ماڻي. وزيراعظم چيو ته سندس جرئت ۽ بهادري ??ڪ اهڙو مث??ل قائم ڪيو جنهن تي عمل ڪندي پا??ستاني قوم جي جوانن سدائين ملڪ جي دفاع کي پنهنجي جانين تي فوقيت ڏني. پا??ستان جي غيرتمند قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري ??ه ٿي سگهي.