اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري تي??ي سان تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ نوان سفارتي انداز اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آه?? ته پرڏيهي وزارت ۾ تازو ئي متعارف ڪرايل انتظامي سڌارن سان ڪارڪردگي ۽ احتساب ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. پرڏيهي وزارت ۾ گذريل هڪ سال دوران ڪيل انتظامي سڌارن جي قدم بابت هڪ تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته وزارت ۾ مجموعي طور تي 51 سڌاراجاتي ڪم شروع ڪيا ويا جن مان 19 مڪمل طور تي ۽ 3 جزوي طور تي لاڳو ڪيا ويا آه??. آٽوميشن ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي عمل، سفارتي، انتظاميا، ماليات ۽ ٻاهرئين ملڪ قونصلر خدمتن ۾ بهتري وغيره جي شعبن ۾ 29 قدم پڄاڻي جي مرحلن ۾ آه??. پرڏيهي وزير عالمي سطح تي وزارت جي اهم ڪاميابين جو ذڪر ڪيو جن ۾ پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان ڪڍڻ، سي او پي 27 جي ڪامياب ميزباني، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل ۾ موثر ڪردار ۽ ٻين کانسواءِ لاڳاپن ۽ سفارتي لاڳاپن کي وڌائڻ جون ڪوششون شامل آه??. پرڏيهي وزير چيو ته دنيا تي??ي سان تبديل ٿي رهي آه?? ۽ فني ترقي سان گڏ طاقت جي شڪل پڻ تبديل ٿي رهي آه?? جڏهن ته سفارتي محاذن تي گڏيل رابطن جا نوان اصول بڻجي چڪا آه??. انهن تبديلين جي ڏس ۾ سڌارن جو عمل شروع ڪيو ته جيئن راهه ۾ ايندڙ ڪنهن به چئلينج کي منهن ڏئي سگ??جي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان هاڻي تيز رفتار ۽ متحرڪ دنيا ۾ رهي رهيا آه??ون، اهڙي ۾ ترقي کي يقيني بڻائڻ ۽ گڏيل چئلينجن کان اڳتي رهڻ جي لاءِ گڏيل ڳانڍاپي جي موقف جي ضرورت آه??. هن چيو ته قومي ۽ عالمي حقيقتن ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ضرورت کي نظر ۾ رکڻ گهرجي ۽ پنهنجي سفارتي معاملن کي موثر انداز ۾ هلائڻ جي لاءِ هڪ مثالي تبديلي کي اجاگر ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته تبديلي جي انتظامي سڌارن سمنڊ پار پاڪستانين جي ڀلائي تي پڻ ڌيان ڏنو ويو آه??. پرڏيهي وزير ٻڌايو ته وزارت جي لاءِ هڪ سڌاراجاتي منصوبي جي مقصد جي لاءِ انهن سمورن لاڳاپيل ڌرين کان معلومات طلب ڪئي جن کان زبردست راءِ ۽ تنقيدي بصيرت حاصل ٿي. هن چيو ته مستقبل جي علم تي ٻڌل معيشت، عالمي حرڪيات جي اهميت کي قبول ڪرڻ گهرجي ۽ جمود کي چئلينج ڪرڻ جي لاءِ تيار هجڻ گهرجي.