پشاور – 11 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير مريم اورنگزيب 9 مئي سانحي تي ريڊيو پاڪستان پشاور جي ساڙيل عمارت ۽ چاغي اسٽوڊيو جي بحالي ۽ رنگ روغن جي منصوبو شروع ڪرڻ سميت ريڊيو پاڪستان جي عمارت ۾ سئنيما ٺاهڻ جي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. اطلاعات واري وفا??ي وزير ريڊيو پاڪستان پشاور جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جو سياسي ۽ عوامي معاملن وارو صلاح??ار انجنيئر امير مقام پڻ ساڻس گڏ هو. ريڊيو پاڪستان اچڻ تي اطلاعات واري سيڪريٽري سهيل علي خان، ڊي جي ريڊيو پاڪست??ن طاهر حسن، ريڊيو ۽ اي پي پي جي ملازمن اطلاعات واري وفا??ي وزير مريم اورنگزيب جو استقبال ڪيو. اطلاعات واري وفا??ي وزير ان موقعي تي 9 مئي تي ساڙيل ريڊيو پاڪستان ۽ ايسوسيئيٽيڊ پري?? آف پاڪستان پشاور بيورو جي عمارت ۽ چاغي اسٽوڊيو جي بحالي ۽ رنگ روغن جي ڪم جي شروعات ڪئي ۽ ريديو پاڪستان جي اندر سئنيما ٺاهڻ جي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. اطلاعات واري وفا??ي وزير ان موقعي تي اطلاعات واري سيڪريٽري سهيل علي خان ۽ ڊي جي ريڊيو پاڪست??ن طاهر حسن کي علائقائي ثافت ۽ ورثي کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن ايندڙ وقتن ۾ ڪو سانحو اهڙي قسم جي تاريخي آرڪائيوز کي نقصان نه پهچائي سگهي.