اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪم??ٽي بجيٽ اج??اس جي شيڊول جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن مطابق اج??اس 24 ج??ن تائي?? جاري رکيو ويندو. اسپيڪر راجه پرويز اشرف جي صدارت هيٺ هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪم??ٽي جو اج??اس منعقد ٿيو. اج??اس ۾ هلندڙ بجيٽ اج??اس کي ڇنڇر 24 ج??ن 2023ع تائي?? جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اج??اس ۾ بجيٽ اج??اس جي ايجنڊا ۽ ڪيتري وقت تائين هلڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪم??ٽي اجلاس ۾ بجيٽ 24-2023ع تي 17 جون تائين عام بحث جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. جنهن کان پوءِ سينيٽ آف پاڪستان طرفان ڏنل سفارشن تي غور ڪيو ويندو ۽ 19 جون 2023ع تي ناڻي وارو وزير بجيٽ 24-2023 تي عام بحث کي سهيڙيندو. غير منظور ٿيل خرچن (چارج ايڪسپنڊيچرز) تي بحث 20 جون تي ٿيندو جڏهن ته ڪٽوتي جي تحريڪن تي بحث 21 ۽ 22 جون تي ٿيندو. فنانس بل، 2023ع تي غور ۽ منظوري 23 جون لاءِ تجويز ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 24 ج??ن تي 2021، 2022 ۽ 2023 جي لاءِ گرانٽن جي ضمني مطالبن تي بحث ڪيو ويندو. ڪم??ٽي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته بجيٽ اج??اس ڇنڇر 17 جون ۽ 24 ج??ن تي به جاري رکيو ويندو. اج??اس ۾ وفاقي وزير رانا تنوير حسين، مرتضيٰ جاويد عباسي، شازيه مري ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خالد حسين مگسي، حامد حميد، ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي، صابر حسين خائمخاني، ولانا عبدالاڪبر چترالي، چوڌري برجيس طاهر، قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري طاهر حسين ۽ قانون سازي واري ايڊيشنل سيڪريٽري محمد مشتاق شرڪت ڪئي.