اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خيبرپختونخو??هه جي انضمام ٿيل ضلعن جي لاءِ ٺوس ترقياتي پئڪيج تيار ??رڻ جي هدايت ڪ??ي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها هدايت قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ش??هه گل آفريدي جي قيادت ۾ انضمام ٿيل ضلعن جي سياسي اڳواڻن جي 7 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪئي. ملاقات ۾ پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وفد مسلم ليگ (ن) جي انضمام ٿيل ضلعن کي قومي ڌارا ۾ شامل ??رڻ جي لاءِ فاٽا جي خيبرپختونخو??هه ۾ انضمام جي حڪمت عملي پيش ??رڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو جنهن کانپوءِ فاٽا جو قانونسازي جي ذريعي انضمام ممڪن ٿي سگهيو. وفد وزيراعظم کي ٻڌايو ته گذريل حڪومت جي چار سالن ۾ انضمام ٿيل ضلعن جي ترقي کي نظرانداز ڪيو ويو جنهن جي ڪري جيڪا منصوبابندي مسلم ليگ (ن) جي قيادت انهن ضلعن جي حوالي سان ٺاهي هئي ان تي عملدرآمد نه ڪيو ويو. وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي يقين ڏياريو ته موجوده حڪومت ۽ خاص طور تي وزيراعظم پاڻ انضمام ٿيل ضلعن جي ترقي ۽ خوشحالي کي قومي ترجيح جو درجو ڏي ٿو. وفد وزيراعظم کي لاڳاپيل تڪن جي مس??لن کان آگ??هه ڪندي پشاور ۾ پاڻي جي شديد مسئلي بابت آگ??هه ڪيو. وفد پاڙيسري ملڪ افغانستان سان واڳيل سرحدي علائقن ۾ واپار جي فروغ لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ان حوالي سان اهڙن قدمن جي خاطري ڪرائي جنهن سان سرحد جي ٻنهي طرفن جي علائقن جي ماڻهن جي زندگي ۾ گڏيل واپار سان بهتري ايندي. وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي ان حوالي سان ٺوس حڪمت عملي تي عملدرآمد جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ خصوصي ترقياتي پئڪيج جوڙي پيش ??رڻ جي هدايت ڪ??ي.