اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي شهيدن کي وطن جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ت??زيتي بيان موجب صدر برگيڊيئر ??صطفيٰ برڪي ۽ ٻين سپاهين جي شهادت تي گ??ري ڏک ۽ افسوس جو ??ظه??ر ڪيو. هن چيو ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ قوم پنهنجي بهادر فوجين سان گڏ آهي. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪندي شهيدن کي وطن جي لاءِ جانين جا نذرانا ڏيڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو.