اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف چيو آهي ته هو پ??ڪس??ان جي حڪومت ۽ عوام پاران پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن کي يڪجهتي ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏيڻ جي لاءِ ترڪيه وڃي رهيو آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پ??ڪس??ان ۽ ترڪيه جي عوام جيتوڻيڪ به جدا رياستن جا شهري آهن پر هڪ قوم وانگر هڪ جان ٻه دل آهن ۽ اسان انهن جي نقصان کي پنهنجو نقصان سمجهون ٿا. وزيراعظم چيو ته ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي سان ٿيندڙ تبا??ي سان ڪا به حڪومت اڪيلي سر منهن نٿي ڏئي سگهي. ڪو به ملڪ ڀلي اهو ڪيترو ئي ??سيلن سان مالامال هجي ايتري وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي جو مقابلو اڪيلي نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته دنيا انسانيت جي مشڪلاتن ۽ تڪليفن جي حل لاءِ تعاون وڌائي.